مراد فقيرسنديلو

مراد فقير سنديلو : مراد فقير سنديلي جو وڏو بزرگ اچ شريف کان هجرت ڪري سنڌ جي تاريخي شهر بکر ۾ اچي رهيو. جتي ميان آدم شاهه ڪلهوڙي جو مريد ٿيو. ان کانپوءِ ميان شاهل محمد ڪلهوڙي سان گڏجي لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير ٿيو. مراد فقير تعلقي موري جي ڳوٺ ’ڏيپارجا‘ جي اولهه ۾ راڄي خان اتيري جي ڳوٺ ۾ ويٺو. هيءُ نهايت خدا ترس بزرگ هو، سندس پيري مريديءَ جو سلسلو به وسيع آهي. هن بزرگ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي صحبت ۽ سنگت ۾ گھڻو وقت گذاريو، جتي پهنجي طريقي کي ڏاڍو زور وٺرايو. هن بزرگ جي باري ۾ روايت آهي ته پاڻ هڪ دفعي درياهه جي ڪپ تي جانورن جي خوف کان هڪ وڻ تي چڙهيو ويٺو هو. اسر ويلي هڪ ٻيڙيءَ اچي ڪپ سان لنگر هنيو. ٻيڙيءَ تي ويٺل ماڻهو ٻيڙيءَ مان لهي اچي ان وڻ هيٺان ماني کائڻ ويٺا. اهي ماڻهو به ڪي درويش هئا ۽ اچ شريف جي زيارت کان موٽيا هئا. هڪ بزرگ ساٿين ۾ ماني ورهائي ته هڪ ماني بچي پيس. انهيءَ تي هڪ بزرگ مٿي وڻ ڏي نهاري چيو ته: ”مراد لهي اچ ۽ پنهنجو ونڊ اچي وٺ‘‘ مراد ماني وٺي کاڌي ۽ ماني کائڻ کانپوءِ پاڻ صاحب ولايت ٿي پيو. مراد فقير جو پهريون خليفو خيرو مگسي هو، جيڪو سندس چؤکنڊيءَ جي اندر پيرانديءَ کان مدفون آهي. مراد فقير جي مزار جي اولهه ۾ سندس گھر واري دفن ٿيل آهي. سندس پٽ الهڏنو ۽ مٺو فقير ۽ سندس پوٽو فيض محمد فقير به اتي ئي دفن ٿيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو